سعدالله شيخ

سعدالله شيخ: نامور حڪيم مولوي سعدالله ولد حاجي سائين ڏنو خان شيخ، 12 نومبر 1922ع تي مرزاپور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتي، 1936ع ۾ شڪارپور مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، ديني تعليم لاءِ ميروخان ۾ خوش خير محمد ميروخانائيءَ وٽ هڪ سال، سکر جي مدرسي ۾ ڏيڍ سال، ٺيڙهيءَ ۾ چار سال، ’مدرسه اشرفيه شڪارپور‘ ۾ ڏيڍ سال ۾ پڙهيو. 1966ع ۾ مدرسه اشرفيه پاران کيس قرات جي سند ۽ درس نظاميءَ جو دستار بند ڪيو ويو. والد جي مرضي ۽ پنهنجي علمي شوق جي پورائيءَ لاءِ دهليءَ ويو، جتي ’طبيه ڪاليج‘ ۾ اٽڪل ٽي سال تعليم حاصل ڪيائين. 1947ع ۾ ورهاڱي سبب کيس واپس اچڻو پيو، باقي رهيل هڪ سال لاهور جي ’دواخانا حڪيم اجمل خان‘ (حڪيم محمد نبي جمال سويدا پاران قائم ڪيل) ۾ رهي آخري امتحان پاس ڪري فاضل طب ۽ جراحت جي سند حاصل ڪيائين. طب جي عملي تعليم ۽ تجربو تنهن وقت جي مشهور ڊاڪٽرن محمد عمر شيخ وٽ سکر ۾ ۽ حڪيم قائم الدين مهر وٽ جيڪب آباد ۾ حاصل ڪري 1949ع ۾ هيءَ مڪمل طور تي نئين ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾منتقل ٿي آيو، جتان مطب جي شروعات ڪيائين. سندس هٿ ۾ شفا رکيل هئي، هزارين مريض وٽانئس شفاياب ٿيا. حڪيم سعدالله شيخ جو ذهني لاڙو مذهبي هجڻ سبب ڪيترو ئي وقت شاهي بازار نئين ديري واري مسجد جو پيش امام رهيو، حڪيم صاحب هن مسجد ۾ ٻارن کي قرآن جي تعليم به ڏيندو هو، هن ٻه دفعا حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. شروعاتي دور ۾ سندس سياست سان به تعلق رهيو، سندس سياسي لاڙو پاڪستان پيپپلز پارٽيءَ سان رهيو، هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳوٺائي هجڻ جي ناتي سندس ويجھن رفيقن مان هو.


لفظ سعدالله شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.11.12  عيسوي

نامور حڪيم مولوي سعدالله ولد حاجي سائين ڏنو خان شيخ، 12 نومبر 1922ع تي مرزاپور، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
احمد خان هيسباڻي
سر غلام حسين هدايت الله
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله
راڻو ڏهرو
احمد ابراهيم
رشيد چارڻ
بيگم آغا خان
تميم بن العتبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون